ڏاڪ چُمي راند

ڏاڪ چُمي راند: هي راند جو هڪ قسم آهي. هيءَ راند گهڻو ڪري جهنگ ۾ ڌنار کيڏندا آهن، جڏهن مال کي پهرائڻ/ چارڻ لاءِ آڻيندا آهن ۽ مال پاڻي پي هڪ هنڌ ٿي ويهندو آهي. تيسين ڌنار راند روند ڪري وٺندا آهن. هيءَ راند رچائڻ لاءِ مال چاريندڙ ڌنار هڪ ڏڪر کان ڪجهه ننڍي ڪاٺي کڻندا آهن، جنهن کي ڏاڪ چوندا آهن، پوءِ هڪ ننڍو گول ليڪو ڪڍي، ان ۾ ڏاڪ ڪندا، پوءِ انهن ڇوڪرن مان هڪ آڳ ڏيندو ۽ ٻيو انهيءَ پڙ ۾ بيهي ڏاڪ کي چُمي، ٽنگ جي هيٺان وٺي زور سان اڇليندو، پوءِ ڏيٽي جيترو پري وڃي، جڏهن ڏاڪ اڇلبو آهي ته ٻيا سڀ ڊوڙي وڻن تي چڙهندا آهن، ڏاڪ اڇلڻ کان اڳ وڻ تي چڙهڻ ڪار نه آهي ۽ آڳ ڏيڻ وارو تکو ڊوڙي ڏاڪ کڻي اچي پڙ ۾ رکندو ۽ پوءِ ٻين کي هٿ لائي کاپائڻ (هارائڻ) جي ڪوشش ڪندو، جي ڪنهن کي کاپائي وڌائين ته اهو آڳ ڏيندو، پر جي ڪنهن کي وجهه لڳي ويو ته ڏار يا ٽاريءَ تان ٽپ ڏئي اچي پڙ مان ڏاڪ کڻي چُمندو، جي ڏاڪ چُمجي پئي ته آڳ ڏيڻ واري تي ٽِڪي چڙهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو